ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي مرتضیٰ وہاب بلوچ ڪلچرل ڊي جي موقعي تي بلوچ برادري کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته بلوچ تهذيب اسان جي قومي تاريخ، بهادري ۽ روايتي وقار جي عڪاسي آهي. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سنڌ جي سرزمين صديون کان بلوچ ثقافتي ورثي ۽ روايتن جي امين رهي آهي ۽ هتي مختلف قوميتون هڪٻئي جو احترام ڪندي ۽ هم آهنگي سان آباد آهن.ميئر ڪراچي چيو ته بلوچ نوجوان پنهنجي ثقافت کي زنده رکندي نئين نسل کي پنهنجي تاريخي ٻُڏن سان ڳنڍي رهيا آهن، جيڪو قابلِ تحسين عمل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اصل خوبصورتي ان جي ثقافتي تنوع ۽ رنگينت ۾ لڪل آهي ۽ اهو ئي تنوع قومي هڪجهڙائي کي مضبوط بڻائي ٿو.ميئر ڪراچي مرتضیٰ وہاب چيو ته بلوچ ڪلچرل ڊي محبت، ڀائيچاري ۽ اتحاد جو عملي پيغام ڏئي ٿو. سنڌ حڪومت بلوچ ثقافتي سرگرمين جي فروغ ۽ سرپرستي لاءِ مؤثر قدم کڻي رهي آهي ته جيئن روايتي قدرن کي محفوظ رکيو وڃي. هن چيو ته بلوچ قوم جي بهادري، رواداري ۽ مهمان نوازي سڄي ملڪ لاءِ فخر جو باعث آهي ۽ اهڙيون تقريبون قومي هم آهنگي ۽ هڪجهڙائي کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.










