اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪمن جي 24 ڪلاڪ نگراني جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.وزيراعظم هر 48 ڪلاڪن ۾ متاثرن ۾ امداد ۽ فنڊن جي ورڇ بابت پيش رفت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ٻئي طرف بلوچستان ۾ امدادي رقمون سستيون آهن ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي واضح حڪمن باوجود هن وقت تائين رڳو 92 خاندانن کي امدادي رقم ملي آهي.لسبيلا ضلعي جي تعلقي لاکرا ۾ اڃا تائين سرڪاري امداد نه پهتي آهي، جڏهن ته ڪئمپن ۾ موجود متاثرن سهولتون نه ملڻ جي شڪايت ڪئي آهي.اوٿل شهر ۾ اڃا تائين بجلي مڪمل طور بحال نه ٿي سگهي آهي، چمن شهر جي نواحي ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ روڊن جي بحالي جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي. بلوچستان ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوتين جو انگ 166 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 15 هزار کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي ويا آهن.










