بلوچستان کان ٽرين سروس اڄ کان بحال ٿيندي

بلوچستان کان ٽرين سروس اڄ کان بحال ٿيندي

مستونگ (وبب ڊيسڪ)مستونگ جي دشت علائقي ۾ ريلوي ٽريڪ جي مرمت مڪمل ٿي وئي آهي، بلوچستان کان ٽرين سروس اڄ کان ٻيهر شروع ٿيندي.ريلوي اختيارين موجب، پشاور لاءِ جعفر ايڪسپريس اڄ وقت تي رواني ٿيندي. پشاور کان ڪوئيٽا لاءِ جعفر ايڪسپريس به اڄ رواني ٿيندي.بولان ميل به ڪراچي کان ڪوئيٽا لاءِ رواني ٿي چڪي آهي.ياد رهي ته 23 سيپٽمبر تي دشت ۾ ڌماڪي کان پوءِ ٽرين پٽڙي تان لهي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو