بلوچستان کان ملڪ جي اندروني علائقن تائين ٽرين سروس بحال

بلوچستان کان ملڪ جي اندروني علائقن تائين ٽرين سروس بحال

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان کان اندروني علائقن تائين ٽرين سروس بحال ڪئي وئي آهي.ريلوي کاتي بلوچستان کان اندروني علائقن تائين ٽرين سروس 2 ڏينهن تائين معطل رهڻ کان پوءِ بحال ڪري ڇڏي آهي.ريلوي عملدارن موجب، ريلوي کاتي 18 ۽ 19 مئي تي بلوچستان کان ٽرين سروس ناگزير سببن جي ڪري معطل ڪئي هئي.آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا کان پشاور تائين جعفر ايڪسپريس 2 ڏينهن لاءِ منسوخ ڪئي وئي هئي ۽ پشاور کان ڪوئيٽا تائين جعفر ايڪسپريس 2 ڏينهن لاءِ جيڪب آباد تائين محدود هئي.ريلوي عملدارن موجب، اربع تي اندروني علائقن لاءِ ٽرين سروس بحال ٿيڻ کان پوءِ، جعفر ايڪسپريس اڄ صبح 9 وڳي پنهنجي مقرر وقت تي ڪوئيٽا کان پشاور لاءِ نڪرندي.پشاور کان جعفر ايڪسپريس پڻ اربع ڏينهن منجهند ڪوئيٽا پهچندي.

پهنجو تبصرو موڪليو