ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب حادثن سبب فوتگين جو سلسلو نه رڪيو. پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران برساتن ۽ ٻوڏ سبب حادثن ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ پهرين جون کان هينئر تائين فوت ٿيندڙن جو انگ 230 ٿي ويو آهي، فوتين ۾ 110 مرد، 55 عورتون ۽ ٻار 65 شامل آهن. رپورٽ موجب صوبي ۾ فوتگيون بولان، ڪوئيٽا، ژوب، دڪي، خضدار ڪوهلو، ڪيچ، مستونگ، هرنائي، قلعه سيف الله ۽ سبي ۾ ٿيون، سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ڪوئيٽا ۾ 27، لسبيلا ۾ 21 ۽ پشين ۾ ٿيون. حادثن ۾ 98 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 55 مرد، 11 عورتون ۽ 32 ٻار شامل آهن. بلوچستان ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب مجموعي طور تي 26 هزار 897 گهر تباهه ٿي ويا ۽ 1 لک 7 هزار 377 کان وڌيڪ چوپايو مال تباهه ٿي ويو، جڏهن ته 710 ڪلوميٽرن تي ٻڌل مختلف شاهراهون پڻ سخت متاثر ٿيون. ٻئي طرف هرنائي ۾ اونڌي سطح جي ٻوڏ آهي جنهن سبب علائقي جو زميني رابطو ملڪ جي باقي علائقن سان ڪٽجي ويو آهي ۽ هزارين ماڻهو گهرن ۾ ڦاٿل آهن.ٻئي طرف نيوي جي غوطه خور ڊيرا بگٽي جي سوئي ڪينال مان 2 ڄڻن جا لاش هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته گم ٿيل وڌيڪ 2 ڄڻن جي اڄ ٻيهر ڳولا ڪئي ويندي. ان کان علاوه نوشڪي چاغي جو رابطا پڻ ڪٽجي ويو، نوشڪي ۾ ٻوڏ سبب درجنين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.










