بلاول ۽ آصفه ڀٽو ڀرپور مهم هلائي رهيا آهن،شيري رحمان

بلاول ۽ آصفه ڀٽو ڀرپور مهم هلائي رهيا آهن،شيري رحمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو ڀرپور مهم هلائي رهيا آهن، نوجوان سياستدانن بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري سينيئر سياستدانن کي پوئتي ڇڏي ويا آهن،هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته شيري رحمان چوي ٿو ته پنهنجو معاشي ايجنڊا ڏئي اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته پيپلز پارٽي کي ڇو چونڊون ڪرايون وڃن،30 لک گهر ڏيڻ جو واعدو اليڪشني نعرو نه پر حقيقي منصوبو آهي، سنڌ پيپلز هائوسنگ پروجيڪٽ ۾ هزارين ماڻهن کي گهر جا مالڪ حق ڏنا ويا، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اشرافيه کي نه پر مظلوم عوام، هارين ۽ پورهيتن کي رليف ۽ سبسڊي ڏيڻ چاهي ٿو،هو عوام جي حڪومت ٺاهڻ چاهين ٿا،هن وڌيڪ چيو ته بلاول نوجوانن کان روزگار کسڻ نه ٿو چاهي پر نوجوانن کي يوٿ ڪارڊ ڏئي روزگار ڏيارڻ چاهي ٿو،جيڪڏهن عوام پنهنجي ۽ ملڪ جي تقدير بدلائڻ چاهي ٿو ته پوءِ کين پيپلز پارٽي جي نوجوان قيادت کي چونڊڻ گهرجي،پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اهو به چيو ته عوام 8 فيبروري تي اشرافيه جي نمائنده پارٽين کي نه پر عوام جي نمائنده پارٽي پيپلز پارٽي کي چونڊڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو