بلاول ڀٽو جي دنيا ۾ جشن نوروز ملهائندڙن کي مبارڪ

بلاول ڀٽو جي دنيا ۾ جشن نوروز ملهائندڙن کي مبارڪ

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جشن نوروز ملهائيندڙن کي مبارڪ ڏني آهي ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب پي پي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جشن نوروز نئين اميدن ۽ خواهشن جي علامت آهي هن چيو ته نوروز جو تهوار هڪ عالمي ثقافتي ورثو به آهي بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي پارسي برادري کي به خاص طور تي نوروز جي مبارڪ ڏني ۽ ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي هن چيو ته پاڪستان جي پارسي ڪميونٽي جون پاڪ وطن لاءِ خدمتون قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن پرڏيهي وزير چيو ته مان دعا ڪيان ٿو ته هي نوروز دنيا ۾ جٽادار امن ۽ ڀائپي کي هٿي ڏيڻ ۽ انسانيت جي سربلندي جي شروعات ثابت ٿئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو