بلاول پي ڊي ايم ٽوڙي اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ويو، مولانا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم ٽٽڻ جو ذميوار بلاول ڀٽو زرداري کي قرار ڏيندي چيو ته جيڪا آڇ بلاول کي ٿي، اها اسان کي به ٿي هئي پر اسان قبول نه ڪئي. جيو نيوز جي سليم صافي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن وڌيڪ چيو ته اسان جي صفن ۾ مير جعفر ۽ مير صادق هجڻ سبب پي ڊي ايم کي نقصان پهتو، بلاول حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ويو، جيڪا پيشڪش بلاول کي ٿي اها اسان کي به ٿي پر اسان قبول نه ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته استعيفائن جو آپشن پي ڊي ايم جي پڌرنامي ۾ موجود هو، جيڪڏهن پ پ اسان جي ڳالهه مڃي ها ته هي حڪومت ڪڏهن جو ختم ٿي چڪي هجي ها ۽ چونڊون به ٿي چڪيون هجن ها. هن چيو ته اسان کي گهڻي خبر آهي، گهڻو ڪجهه علم ۾ آهي، پر ڪو محاذ نٿا کولڻ چاهيون، محاذ کولڻ تي آياسين ته هڪ سئي به نه رهندي. هن ڌمڪي جي انداز ۾ خبردار ڪيو ته الزام بازي کان پاسو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو