اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اجلاس نه گهرائڻ غير آئيني آهي، ان خلاف هو عدالت ۾ ويندا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان پهرين ڏينهن کان ئي تحريڪ عدم اعتماد ۾ پنهنجي شڪست ڏسي رهي آهي ان ڪري هو ان کان ڀڄي رهيو آهي، عمران خان پهرين ڏينهن کان ان عمل کان ڀڄي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪنداسين، هن شڪست جي خوف کان سنڌ هائوس ۽ پارليامينٽ لاجز تي حملا ڪيا. اڄ به ڪوڙ جي بنياد تي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، بنا ڪنهن ثبوت جي، اسيمبلي ميمبرن تي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جا الزام لڳايا پيا وڃن.










