اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ 25 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب اها رقم سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد تي خرچ ڪئي ويندي، وزيراعظم جمعي ڏينهن پيپلز پارٽي جي وفد سان ملاقات ۾ فنڊز جي فراهمي جو يقين ڏياريو هو.










