بنا اجازت نئين يونيورسٽي يا ڪيمپس ٺاهڻ تي  پابندي

بنا اجازت نئين يونيورسٽي يا ڪيمپس ٺاهڻ تي پابندي

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ بغير اجازت جي نئين يونيورسٽيون يا سب ڪيمپس قائم ڪرڻ تي فوري پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ايڇ اي سي نئين يونيورسٽين جي قيام جي حوالي سان هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي، يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ سربراهن کي خط لکي انهن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اجازت ۽ ڇنڊڇاڻ کانسواءِ ڪو به سب ڪيمپس يا يونيورسٽي قائم نه ڪئي ويندي.
خط موجب، هائير ايجوڪيشن ڪميشن اين او سي يا ايڪريڊيشن جاري نه ڪندو، ۽ نه ئي ڊگرين جي تصديق ڪندو. ايڇ ايس سي سڀني يونيورسٽين کي هدايت ڪئي آهي ته پاليسي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي
هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو فيصلو غير معياري تعليم، قابليت رکندڙ استادن ۽ سهولتن جي کوٽ، ڪمزور انفراسٽرڪچر جي ڪري آهي، ۽ تحصيل ڪيمپس ۾ پي ايڇ ڊي استادن ۽ شاگردن جي کوٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي.
ايڇ اي سي استادن جي ڀرتي ۽ تعميراتي سرگرمين کي فوري طور تي روڪڻ جو حڪم ڏنو. ايڇ اي سي ذيلي ڪيمپس لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جي عمل کي روڪڻ جي پڻ هدايت ڪئي. خلاف ورزين جي نتيجي ۾ ڪيمپس ۽ پروگرامن جي منظوري معطل ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو