واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سومر تي صدر طور حلف کڻڻ بعد لاتعداد ايگزيڪيوٽو آرڊر ۽ هدايتون جاري ڪيون آهن. جن ۾ توانائي کان وٺي فوجداري معافي ۽ اميگريشن تائين جي معاملن تي پنهنجي نئين انتظاميه تي پنهنجو ٺپو لڳائڻ جي ڪوشش آهي. هتي اسان ڪجهه سندس جاري ڪيل حڪمن جو تفصيل پيش ڪريون ٿا.
عام معافي جو اعلان
ٽرمپ اٽڪل 1,500 ماڻهن کي عام معافي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي جن ۾ 6 جنوري 2021 تي يو ايس ڪيپيٽل هل تي حملو ڪرڻ وارا سندس حامي به شا آهن. صدارتي چونڊ نتيجا نه مڃڻ وقت انهن ماڻهن پوليس تي حملو ڪيو هو ۽ انهن قانون سازن کي 2020 جي اليڪشن ۾ شڪست جي تصديق ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. “اسان کي اميد آهي ته اهي اڄ رات ئي آزاد ٿيندا ۽ اسانکي ان جو انتظار آهي “. هن چيو ته معافي حاصل ڪندڙن ۾ سندس اهي 14 حامي به شامل آهن جن کي بغاوت جي ڪيس م سزا ملي هئي. سندس حڪم ۾ اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي آهي ته فسادن سان لاڳاپيل التوا وارا ڪيس فوري ختم ڪيا وڃن.
اميگريشن بابت اهم حڪم
صدر ٽرمپ ملڪ جي ڏائڻي سرحد يعني ميڪسيڪو بارڊر تي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جوا علان ڪندي چيو ته غيرقانوني طور آمريڪا ايندڙ ن کي واپس ڪبو ۽ ملڪ ۾ سندن ٻار چمڻ جي شرط تي شهريت ملڻ وارو قانون به ختم ڪندس. آمريڪي عملدارن جو چوڻ اهي ته هي حڪم 4 مهينن تائين لاڳو رهندو ۽ ان دوران ڏسنداسين ته ڇا انهن تي سفري پابندي به لاڳو ڪري سگهجي ٿي يا نه. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا غير قانوني طور آيلن جو بار نٿو براشت ڪري سگهي.
جو بائيڊن جا حڪم رد ڪرڻ جو اعلان
“مان گذريل انتظاميه جي لڳ ڀڳ 80 تباهي ۽ بنيادي ايگزيڪيوٽو ڍانچي کي متاثر ڪندڙ حڪم رد ڪندس.”. ٽرمپ اهو پڻ چيو ته هو هڪ آرڊر تي دستخط ڪندو جنهن موجب هر ايجنسي کي هدايت ڪري ٿو ته بائڊن انتظاميه تحت ”سياسي ظلمن“ سان لاڳاپيل سمورا رڪارڊ محفوظ ڪيا وڃن. 2021 ۾ اڳوڻي صدر جو بائيڊن جي آفيس ۾ پهرئين ڏينهن کان وٺي تازو گذريل هفتي تائين جاري ڪيل ايگزيڪيوٽو آرڊرن، جن ۾ Covid رليف کان وٺي صاف توانائي جي صنعتن جي واڌاري تائين جا معاملا شامل اهن، انهن حڪمن کي رد ڪندس.
نسلي برابري
هن چيو ته ملڪ ۾ انسانن جو رڳو ٻه جنسون آهن، عورت ۽ مرد، هن ايل جي پي ٽي ۽ ٽرانسجينڊرن جي برابري وارن حقن بابت جو بائيڊن جا جاري ڪيل حڪم به رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
ٽڪ ٽاڪ تي پابندي
ٽرمپ مشهور مختصر وڊيو ايپ ٽڪ ٽاڪ تي 75 ڏينهن لاءِ پابندي هٽائڻ جي آرڊر تي به صحيح ڪئي، جنهن کي 19 جنوري تي بند ڪيو ويو هو. آرڊر اٽارني جنرل کي هدايت ڪري ٿو ته پابندي واري قانون تي عمل نه ڪيو وڃي ۽ اسانجي انتظاميا کي مهلت ڏيو ته ان معاملي جو مناسب حل ڳوليو وڃي.
بائيڊن جا ڀرتي ڪيل ملازم برطرف
صدر ٽرمپ هڪ حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي دور م ڀرتي ڪيل ملازم برطرف ڪري اسين اهڙن اهل ماڻهن کي ڀرتي ڪنداسين جيڪي آمريڪي عوام جي خدمت ڪن. ڪووڊ دوران گهر ويٺي پگهار کڻڻ وارن ملازمن تي به لازم آهي ته هو آفيس اچن. اسين سڀني سرڪاري ملازمن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين.
مهانگائي روڪڻ جو حڪم
مان سڀني سرڪاري ايجنسين کي حڪم ٿو ڏيان ته هو عام آمريڪن کي رليف ڏيڻ ۽ سستي اگهه تي شين جي فراهمي يقيني بڻائين. گهرن جون قيمتون گهٽائين جيئن عام ماڻهو تي ٻوجهه نه پوي. بائيڊن جي 4 سالن جي دور ۾ عوام سخت مهانگائي ڀوڳي آهي.
موسمياتي تبديلي
آمريڪا موسمياتي تبديلي واري پيرس معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان ٿو ڪري، اسين گڏيل قومن کي آگاهه ڪنداسين، هن آرڪٽڪ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا تي پابندي وارو بائيڊن جو حڪم رد ڪندي چيو ته اسين آمريڪي مفاد ۾ توانائي جي سڀ ذريعا ڪتب آڻينداسين. هن اليڪٽرڪ وهيڪل جي ترجيحي بنياد تي حصول وارو حڪم به رد ڪيو. هن چيو ته دنيا جا معاملا پنهنجي جاءِ تي پر اڳ ۾ اسانکي آمريڪي مفاد عزيز آهي.
صحت بابت اهم اعلان
صدر ٽرمپ صحت جي عالمي داري ڊبليو ايڇ او کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هي ادارو ڪووڊ دوران ناڪم رهيو. هن رابرٽ ايف ڪينيڊي جونئر کي صحت جو وزير نامزد ڪري اهو پيغام اڳ م ئي ڏنو هو ته هو صحت جي عالمي ادارن جي ڪارڪدگي مان مطمئن نه آهي.
حڪومتي ڪارڪردگي
صدر ٽرمپ سرڪاري ملازمتن ۾ ڪٽوتي ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ بابت به حڪم جاري ڪيو آهي. ڊاج نالي نئون ادارو قائم ٿيندو، ايلون مسڪ ان جي نگراي ڪندو، جيڪو ٽيون حصو سرڪاري ملازمتن جي خاتمي بابت ريفارم آڻيندو.
ڊيپ اسٽيٽ خلاف اپاءَ
صدر ٽرمپ جاري ڪيل حڪم م اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي آهي ته هو بائيڊن جي 4 سالن دور ۾ سيڪورٽي ايجنسين ۽ انٽيليجنس ادارن کي مسلح ڪرڻ وارن معاملي جي جانچ ڪري رپورٽ پيش ڪري. انهن کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي. ماضي جي غلط فيصلن جي اصلاح ڪئي وڃي.
اظهار راءِ جي آزادي ۽ سينسر شپ جو خاتمو
صدر ٽرمپ اطهار راءِ جي آزادي ۽ وفاقي کاتن جي سينسرشپ لاڳو ڪرڻ وارا اختيار ختم ڪرڻ بابت به هڪم جاري ڪيو آهي.مس انفرميشن، ڊس انفرميشن جي نالي تي آمريڪي شهرين تي لڳل پابنديون ختم ڪيون وڃن ۽ آمريڪي شهرين جي اظهار ڙاءِ جي آزادي وارا هق بحال ڪيا وڃن.
توانائي بابت اهم فيصلو
هن قومي انرجي اي3مرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته تيل جا ذخيرا مڪمل ڪيا وڃن ۽ پوري دنيا کي توانائي ايڪسپورٽ ڪئي وڃي. هن آمريڪا م تيل ۽ گيس جي ڳولا جو ڪم تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ان سان موسمياتي تبديلين تي پوندڙن جي اثرن جي پرواهه نه ڪئي وڃي، ڇو ته آمريڪا عالمي موسمياتي تبديلين وار معاهدي مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ان سان عوام لاءِ سستي توانائي جو حصول ممڪن ٿيندو ۽ سيڪورٽي به بهتر ٿيندي. هن الاسڪا ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا جي منظور ڏيندي بائيڊن جو حڪم رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن بائيڊن جي تيل تي هلڻ وارين گاڏيڻ کي اليڪٽرڪ گاڏين سان بدلائڻ واري پاليسي جي به نفي ڪئي.










