اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي جيل ۾ بهتر سهولتن جي درخواست جي ٻڌڻي جوڳي هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.بشريٰ بي بي جي جيل ۾ بهتر سهولتن جي درخواست تي اعتراضن سان ٻڌڻي ڪئي وئي.جسٽس انعام امين منهاس رجسٽرار هاءِ ڪورٽ جي اعتراض سان ٻڌڻي ڪئي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا سپرنٽينڊنٽ آف جيلز کي جمع ڪرايل درخواست تي فيصلو ڳنڍيل نه هو؟ بشريٰ بي بي جي وڪيل چيو ته اهي درخواستون به قبول نٿا ڪن. اسان ڪوريئر ذريعي جيل اختيارين ڏانهن درخواست موڪلي ڇڏي آهي. اسان 2 اپريل تي جمع ڪرايل درخواست جي ڪوريئر رسيد سان ڳنڍيل آهي.
مشهور خبرون










