اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل جي انتظاميه عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي کي جيل منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني جي گهر واري بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جيل انتظاميه بشريٰ بي بي کي جيل منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري بشريٰ بي بي کي جيل منتقل نٿا ڪري سگهون. جيل ۾ اڳ ئي جڳهه گهٽ آهي ۽ 250 عورت قيدي موجود آهن.چيف ڪمشنر اسلام آباد ان سلسلي ۾ پنهنجو جواب جمع نه ڪرايو. سرڪاري وڪيل جواب ڏيڻ جي لاءِ وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي ٻڌڻي 2 هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته توشه خانه ڪيس ۾ سزا ماڻيندڙ بشريٰ بي بي سب جيل قرار ڏنل بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.










