راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 26 نومبر جي احتجاجي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي زال بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 12 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.26 نومبر جي احتجاج ۾ بشريٰ بي بي خلاف 29 ڪيس ٻڌا ويا.بشريٰ بي بي خلاف راولپنڊي، ٽيڪسلا ۽ اٽڪ ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.ياد رهي ته بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ 7 سال قيد جي سزا ڪاٽي رهي آهي.










