بس جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا موقعي تي فوت هڪ زخمي

بس جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا موقعي تي فوت هڪ زخمي

اوٻاوڙ(رپورٽ غلام علي رند) چوڪ ماڙي گڊو روڊ تي ايڪسپريس بس جو موٽر  سائيڪل کي ٽر لڳڻ سبب هڪ عورت ۽ هڪ مرد موقعي تي فوت جڏهن ته هڪ ٻارڙو سخت زخميٿي پيا. فوتين مان  عمران ڀٽو ۽ مائي سوڍي۔ جڏهن ته زخمين مان هڪ ٻارڙو نالي اسرار احمد سخت زخمي ٿي پيو آھي فوت ٿيل بڊاڻي جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن ۔جيڪي گهر کان ڏهرڪي طرف ڪنهن ڪم سبب اچي رهيا هئا ته چوڪ ماڙي ويجهو هي واقعو پيش آيو آھي. اطلاع بعد اوٻاوڙو پوليس موقعي تي پهچي لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي.جڏهن ته اوٻاوڙو پوليس ايڪسپريس کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي ۽ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آھي۔اهڙي اطلاع بعد فوتين جي گهر ۾ قهرام متل آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو