’برين چِپ‘ انسانن تي تجربن جي اجازت ملي وئي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (ايف ڊي اي) ايلون مسڪ جي ڪمپني نيورالنڪ کي انساني دماغ ۾ ڪمپيوٽر چپ لڳائڻ لاءِ ڪلينڪل ٽرائل شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها ڳالهه ڪمپني پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چئي وئي آهي. ان کان اڳ مارچ 2023 ۾، FDA اهڙي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. ايلن مسڪ ويجهڙ ۾ 4 ڀيرا اها ڳالهه چئي چڪو آهي ته جلد چپ جو انساني دماغ تي تجربو شروع ٿيندو. اڳ م ايف ڊي اي خدشو ظاهر ڪيو هو ته انساني دماغ م لڳندڙ اوزار جي بيٽري سان انساني زندگي متاثر ٿي سگهي ٿي. 2021 ۾ ڀولڙي جي دماغ ۾ اها چپ لڳائي وئي هئي ۽ ڀولو گيم کيڏڻ شروع ٿي ويو هو. جيڪڏهن تجربو ڪامياب ٿي ويو ته سُن ٿيل عضوا يا پيدائشي ناقص عضوا ڪم ڪرڻ شروع ڪندا، نابين ڏسڻ، گونگا ڳالهائڻ ۽ ٻوڙا ٻڌڻ شروع ڪندا. ڪرنگهي جي هڏي سبب اپاهج بڻيل يا پوليو سبب معذور ٿيل ماڻهن جو به علاج ٿي سگهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو