ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) برطانيا ۾ ڪورونا وبا تيزي سان پکڙجڻ لڳي، ٻين ملڪن جيان پاڪستان به برطانيه مان ايندڙ مسافرن تي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي. حڪومت نوٽيفڪيشن ذريعي سول ايويئيشن اٿارٽي کي هدايت جاري ڪري ڇڏي، پابندي 23 ڊسمبر کان 29 ڊسمبر تائين لاڳو هوندي، برطانيه مان ايندڙ پاڪستانين کي هڪ هفتو قرنطينه مان لازمي رهڻو پوندو.










