برطانوي براڊڪاسٽر ۽ صحافي سر مارڪ ٽلي فوت ٿي ويو

برطانوي براڊڪاسٽر ۽ صحافي سر مارڪ ٽلي فوت ٿي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانوي براڊڪاسٽر ۽ صحافي سر مارڪ ٽلي، جيڪو بي بي سي جي ‘وائس آف انڊيا’ جي نالي سان مشهور هو، نوي سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.مارڪ ٽلي کي هندستان بابت خبرن تي سڀ کان وڌيڪ معزز رپورٽر ۽ مبصر سمجهيو ويندو هو، هن 1992 ۾ ايوڌيا ۾ هندو انتهاپسندن پاران بابري مسجد تي حملي جو مشاهدو ڪيو هو.انتهاپسند هندن پاران موت جي ڌمڪيون ملڻ کان پوءِ هن کي هڪ ڪمري ۾ ڪيترائي ڪلاڪ گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو.مارڪ ٽلي بابري مسجد جي ڊاهڻ کي برطانيه کان آزادي کان پوءِ سيڪيولرزم لاءِ ‘سڀ کان وڏو ڌڪ’ قرار ڏنو.هن هندستان ۾ اهم واقعن تي رپورٽنگ ڪئي، جنهن ۾ ڏڪار، فساد، قتل، ڀوپال گئس سانحو ۽ سک گولڊن ٽيمپل تي هندستاني فوج جو حملو شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو