برساتن کان پوءِ سنڌ ۾ مليريا جا ڪيس وڌي ويا

برساتن کان پوءِ سنڌ ۾ مليريا جا ڪيس وڌي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)برساتن کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ مليريا جا ڪيس وڌڻ لڳا،صحت کاتي جي ترجمان موجب، جنوري کان 25 آگسٽ تائين، سڄي سنڌ ۾ مليريا جا 116,828 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 1,200 مليريا جا ڪيس ڪراچي مان رپورٽ ٿيا. ترجمان موجب، ڪراچي ۾ مليريا جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ملير ضلعي مان رپورٽ ٿيا جن ۾ 432 ڪيس رپورٽ ٿيا. ٻئي طرف، حيدرآباد ڊويزن مان مليريا جا 50,499 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته سکر ڊويزن مان 9,263 ڪيس ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن مان مليريا جا 33,333 ڪيس رپورٽ ٿيا.ميرپورخاص ڊويزن مان مليريا جا 8,943 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته شهيد بينظير آباد ڊويزن مان 13,590 ڪيس رپورٽ ٿيا.صحت کاتي جي ترجمان موجب، هن سال دماغي مليريا جا 3 ڪيس پڻ رپورٽ ٿيا آهن، اهي ٽيئي مريض حيدرآباد جا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو