بدين (رپورٽر): سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ پاران ضلعي بدين جي فائونڊيشن اسسٽڊ اسڪولن (FAS) جي 540 کان وڌيڪ استادن کي بنيادي سکيا (Foundational Learning) بابت تربيت فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد ابتدائي درجن ۾ پڙهائي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻارن جي سکيا جي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ آهي.سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر گهنور علي لغاري بدين ضلعي جي مختلف علائقن ۾ جاري ڪلسٽر بيسڊ تربيتي سيشنن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته معياري تعليم جي فراهمي لاءِ استادن جي صلاحيتن ۾ واڌ ۽ کين جديد تدريسي طريقن کان آگاهه ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.هن چيو ته بنيادي درجن ۾ پڙهندڙ ٻارن جي سکيا جي مضبوط بنيادن لاءِ استادن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، تنهن ڪري سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن استادن کي مسلسل سکيا ۽ پيشاوراڻين مهارتن جي واڌ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته هي تربيت استادن کي ٻارن سان بهتر رابطي، ڪلاس روم ۾ مؤثر تدريس ۽ جديد سکيا واري ماحول جي قيام ۾ مدد فراهم ڪندي.گهنور علي لغاري وڌيڪ چيو ته ڪلسٽر بيسڊ تربيتي ماڊل ذريعي نه رڳو استادن جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر کين هڪ ٻئي سان تجربا ونڊڻ ۽ نون طريقن بابت سکڻ جا موقعا پڻ ملي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته تربيت ۾ شامل ڪيترن ئي استادن لاءِ اهڙي نوعيت جي عملي ۽ منظم تربيت پهريون ڀيرو منعقد ڪئي وئي آهي.هن چيو ته استاد تعليمي نظام جو مرڪزي ڪردار آهن ۽ سندن بهتر ڪارڪردگي سان اسڪول ٻارن لاءِ وڌيڪ پرڪشش، دوستاڻو ۽ سکيا لاءِ سازگار بڻجي سگهن ٿا. جڏهن استاد بااعتماد ۽ باصلاحيت هوندا آهن ته ٻارن ۾ اسڪول اچڻ ۽ سکڻ جو لاڙو به وڌندو آهي.دوري دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽريننگ يونٽ مسرت پليجو، سجاد گهلو، ڊسٽرڪٽ هيڊ بدين نصرالله کوسو ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا، جن تربيتي سرگرمين جو جائزو ورتو.واضح رهي ته هي تربيتي پروگرام حڪومت سنڌ جي اُن وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي، جنهن تحت فائونڊيشن اسسٽڊ اسڪولن جي استادن جي پيشاوراڻين صلاحيتن کي بهتر بڻائي صوبي ۾ بنيادي تعليم جي معيار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.










