بدترين ٽريفڪ شهرين ۽ اسڪولي ٻارڙن لاءِ عذاب بڻيل

بدترين ٽريفڪ شهرين ۽ اسڪولي ٻارڙن لاءِ عذاب بڻيل

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) ٽريفڪ پوليس جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب لاڙڪاڻي شهر جي مختلف چوڪن تي بدترين ٽرئفڪ جام ٿي وئي جنهن جي ڪري شهر واسي سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا پر افسوس جو اهڙي صورتحال طرف لاڙڪاڻو پوليس جي ڪنهن به اعليٰ آفيسر ڪو ڌيان ناهي ڏنو. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻو ٽرئفڪ پوليس جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب سڄو شهر ٽرئفڪ جي ور چڙي ويو، جڏهن ته شهر جي مکيه چانڊڪا پل، ايس ايس پي چوڪ، سبحان الله چوڪ، گهنٽي ڦاٽڪ سميت شهر جي ٻين علائقن ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ٽرئفڪ جام ٿي وئي جنهن سبب اسڪولي ٻارڙا توڙي عام شهري سخت پريشان حال بڻجي ويا آهن. ان حوالي سان شهري امام علي اوڍو، سعيد شيخ، ڪامران ڪلهوڙو، اشفاق سانگي، گلزار ميمڻ، راجا سمون، علي شير بروهي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻو پوليس جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب سڄو شهر ٽرئفڪ جي ور چڙهي ويو آهي جنهن سبب اسان سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون. هنن چيو ته اسان ڊي آءِ جي عرفان بلوچ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش سميت ٻين اعليٰ عملدارن کان گهر ٿا ڪريون ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي ٽرئفڪ جي نظام کي بهتر ڪري شهرين کي عذاب مان ڪڍيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو