خانپور(زبيرگل) جي يو آءِ پاران رحيم آباد، ٺل روڊ بيگاري ڀرسان مولانا عبدالله پهوڙ، مولانا سيد عبدالباسط شاھ، حافظ عباس نوناري، مولانا عنايت الله بروهي، مولانا غلام قادر بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن جي ڪري ٺل ۽ شڪارپور ويندڙ ٽريفڪ بيهجي وئي مسافر سخت پريشان ٿي ويا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته رحيم آباد ٺل روڊ تي چوري ڦر روز جو معمول بڻيل آهي ڏينهن جو ماڻهو روڊ تي محفوظ ناهن چور آساني سان موٽر سائيڪل، ڪار هٿيارن جي زور تي روڪي يرغمال بڻائي آساني سان ڦر ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. ايس ايڇ او رحيم آباد مظاهرين وٽ پهچي ڌرڻي ۾ ويٺل اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون جتي اڳواڻن سخت نارضگي جواظهار ڪيو بعد ۾ ڊي ايس پي خانپور مظاهرين وٽ پهتو جنهن جي يو آءِ ضلع شڪارپور جي امير مولانا عبدالله پهوڙ سان ڳالهيون ڪري 5 ڏينهن اندر چوري ۽ ڦر ٿيل سامان واپس ڪرڻ جي خاطري بعد روڊ کولي ڌرڻو ختم ڪرايو.










