ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ لڳ بخشاپور ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ھڪ نينگر زخمي. خبر موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بخشاپور پوليس ٿاڻي جي ۾ شھر جي شاھي بازار ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري ھڪ نوجوان حبيب الله ڊومڪي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ھڪ نينگر پڻ زخمي ٿي پيو. جڏهن تہ واقعي بعد ھٿياربند فرار ٿي ويا. جڏهن تہ فائرنگ جي آواز ٻڌي وڏي انگ ۾ شھري گڏ ٿي ويا. جڏهن تہ واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري لاش ۽ زخمي کي کڻائي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪيو. جڏهن تہ واقعي بابت پوليس جو چوڻ هو تہ لڳي ٿو تہ واقعو ڊومڪي برادري وچ ۾ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..










