بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان

بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي.ڪيترن ئي معاشي چئلينجن جي وچ ۾وفاقي حڪومت مالي سال 25-2024 جي پهرين بجيٽ جو اعلان جون ۾ ڪرڻ واري آهي، سالياني بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي پر حتمي فيصلو حڪومتون ناڻي واري وزارت جي سفارشن جو جائزو وٺڻ بعد ڪنديون.جيڪڏهن سالياني بجيٽ ۾ اهو واڌارو منظور ٿيو ته اهو جولاءِ 2024ع کان لاڳو ٿيندو.ٻئي طرف آءِ ايم ايف وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ مراعتن بابت قانون ۾ ترميم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو