اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي بجيٽ 5 جون 2026 تي پيش ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري انهي حوالي سان بجيٽ اجلاس به طلب ڪري ورتا، قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس 5 جون جي شام 5 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. جڏهن ته صدر سينيٽ جو اجلاس به 5 جون جي شام 6 وڳي طلب ڪيو آهي.










