اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ وڏي لاءِ بجلي 82 پئسا في يونٽ مهانگو ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي وئي.نيپرا موجب، مئي جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ (FPA) لاءِ درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.نيپرا جو چوڻ آهي ته اها درخواست سينٽرل پاور پرچيزنگ ائجنسي (CPPA) پاران جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن تي ٻڌڻي 30 جون تي ٿيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ واهپيدارن تي 12 ارب رپين جو اضافي بوجھ پئجي سگهي ٿو.سي پي پي اي موجب، مئي جي مهيني ۾ في يونٽ بجلي تي سراسري فيول لاڳت 9 رپيا 25 پئسا رهي.










