بجلي چورن خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون، ايس ڊي او

بجلي چورن خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون، ايس ڊي او

قاضي (جاويد جتوئي) حيسڪو واپڊا ايس ڊي او مخدوم محمد مدثر پريس ڪلب پهچي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اندر سٽي فيڊر تي نئين لوڊشيڊنگ شيڊول جاري ڪيو ويندو. گذريل مھيني ۾ رڪوري ھڪ سئو 12پرسنٽ پلس ڪئي وئي ھئي ۽ ھن مھيني به رڪوري ٽاپ تي رهندي. هن چيو ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ 25 ڄڻن خلاف قاضي احمد پوليس ٿاڻي ڏانهن ليٽر جاري ڪيا آھن شھر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جا پول. ايل ٽي ۽ايڇ تي ڪنڊيڪٽر ۽ 25, 25 ڪي وي جا ننڍا ٽرانسفارمر لڳائي شھرين کي گھرن جي ويجھو ميٽر لڳائي ڏنا ويندا ۽ ڪجھ ڏينھن اندر سٽي ون ۽ سٽي ٽو فيڊر الڳ ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا آھن ڪنهن سان به رعايت نه ٿيندي هن وڌيڪ چيو تہ چيف حيسڪو جي حڪم تحت بجلي چورن خلاف سخت ڪاروايون جاري آھن ڪنھن سان ناجائزي نه ڪبي اگر ڪنھن به ڪمزيومر کي بلاجواز ڊٽيڪشن لڳي آھي ته اھو صبح جي ٽائيم تي آفيس اچي کين مسئلو حل ڪيو ويندو. آخر ۾ آيل مھمان کي تعلقه پريس ڪلب جي صدر رجب علي جتوئي، ذوالفقار ٽانوري، راشد مختيار راول، ملنگ جتوئي، جاويد جتوئي، ممتاز سومرو، سليم خاصخيلي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي ممتاز حسيني، الھ  رکيو سيال. نبي بخش کوسو، غلام حيدر انڙ، اشفاق راجپوت، خالد چانڊيو، ممتاز سومرو سيمت ٻيا ساڻس گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو