بجلي صارفين جي ميٽرن کي ڪيو آر ڪوڊ سان ڳنڍڻ جو فيصلو

بجلي صارفين جي ميٽرن کي ڪيو آر ڪوڊ سان ڳنڍڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران سمورن بجلي صارفين جي ميٽرن کي ڪييو آر (QR) ڪوڊ سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حقدار صارفين کي سبسڊي ملندي رهندي.وفاقي توانائي واري وزير اوائس لغاري اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جي بلن تي سبسڊي وٺندڙن کان ڪييو آر ڪوڊ ذريعي تفصيل گهريا پيا وڃن. هن چيو ته حڪومت پروٽيڪٽڊ (محدود يونٽ استعمال ڪندڙ) صارفين لاءِ بجلي جي سبسڊي ختم نه ڪري رهي آهي، سبسڊي ختم ڪرڻ جون خبرون حقيقتن جي ابتڙ آهن. اوائس لغاري وڌيڪ چيو ته بجلي تي سبسڊي وٺندڙن جو تعداد 4 سالن ۾ 95 لک مان وڌي 2 ڪروڙ 15 لک ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته هن وقت 2 ڪروڙ 95 لک 70 هزار يعني 86 سيڪڙو گهريلو صارفين کي سبسڊي ڏني پئي وڃي، ۽ سبسڊي جو حجم 199 ارب مان وڌي 423 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو