بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون سبب موبائيل ڪمپنين جي سروس به متاثر

بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون سبب موبائيل ڪمپنين جي سروس به متاثر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سموري ملڪ ۾ اڄ ٿيندڙ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون سبب موبائل فون ڪمپنين جي سروس به سخت متاثر ٿي آهي. اڄ صبح جو ساڍي 7 وڳي ڄامشورو ۽ دادو جي مين ٽرانسميشن لائن ۾ بجلي جي فالٽ سبب سموري ملڪ ۾ بجلي جو نظام ويهي رهيو. جنهن سبب ڪراچي کان وٺي اسلام آباد تائين سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي فراهمي اڃان تائين معطل آهي.بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سان نه صرف عدالتن، سرڪاري آفيسن ۽ اسپتالن جو ڪم متاثر ٿيو آهي، بجلي جي نه هجڻ سبب بينڪن ۽ موبائل فون ڪمپنين جي سروس به متاثر ٿي آهي.ڪيترين ئي موبائيل فون ڪمپنين جي صارفين طرفان سگنل نه اچڻ جون شڪايتون مليون آهن صارفين طرفان سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان لاڳاپيل ڪمپنين کان ٽيگ ڪري پڇيو پيو وڃي ته بجلي ڪيستائين بحال ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو