اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي ٽرانسميشن سسٽم کي بهتر بڻائي لائن لاسز کي گهٽائڻ جي هدايت ڪئي آهي.توانائي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ هڪ اجلاس دوران شهباز شريف چيو ته گهريلو صارفين کي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي.هن چيو ته صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ توانائي جي بي ترتيب فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، عوام ۽ صنعتي شعبي جي مفادن کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا نه ڪيا ويندا.ان سان گڏ، وزيراعظم بجلي چوري کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدم جاري رکڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ بجلي جي ٽرانسميشن سسٽم کي بهتر بڻائي لائن لاسز کي گهٽائڻ جي هدايت ڪئي.










