بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ، اليڪٽرڪ بس سروس پڻ متاثر

بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ، اليڪٽرڪ بس سروس پڻ متاثر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)
بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب اليڪٽرڪ بس سروس پڻ جزوي طور متاثر ٿي آهي.
پيپلز بس سروس ڪراچي جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٽن ڏينهن کان مهران ڊيپو تي بجلي جي فراهمي معطل آهي، جنهن ڪري اي وي (EV) بسن جي جڳهه ٻيون هائيبرڊ بسون هلايون پئي ويون.
انتظاميا موجب، اي وي-1 (EV-1) ملير ڪينٽ کان سي ويو، اي وي-3 (EV-3) ملير ڪينٽ کان نمائش تائين هلائي ويندي آهي، جڏهن ته آر-ون (R-1) پنڪ بس کوکراپار کان ڊاڪ يارڊ تائين هلائي ويندي آهي.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته اهي ٽئي روٽ اي وي بس سروس جا آهن جيڪي مهران ڊيپو تان هلندا آهن، جيڪڏهن بجلي جي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ته اهي روٽ معطل ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو