بجلي جي طلب ۾ اضافو، پن بجلي جي پيداوار 6 هزار ميگاواٽ تائين پهتل

بجلي جي طلب ۾ اضافو، پن بجلي جي پيداوار 6 هزار ميگاواٽ تائين پهتل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سموري ملڪ ۾ بجلي جي طلب ۾ اضافو ٿي ويو آهي جڏهن ته پن بجلي جي پيداوار 6 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي. پاور ڊويزن طرفان 24 اپريل جي رات پيڪ اوقات ۾ بجلي جي صورتحال حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي ڊيمانڊ ۾ اضافو ٿيو آهي.ترجمان موجب تربيلا ڊيم مان پاڻي جي اخراج ۾ رات جي وقت اضافي سان پن بجلي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي. ڪالهه رات پيڪ ٽائيم ۾ ٽوٽل پن بجلي جي پيداوار 6000 ميگاواٽ رهي جڏهن ته ملڪ جي ٽوٽل پن بجلي جي استعداد 11500 ميگاواٽ آهي.پن بجلي جي پيداوار ۾ اضافي سان ملڪ جي ڏکڻ کان نيشنل گرڊ ۾ استحڪام جي بدولت وڌيڪ 100 ميگاواٽ سينٽرلائز ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. ترجمان موجب ملڪ جي ڏکڻ کان ڪالهه 500 ميگاواٽ جي ترسيل ممڪن ٿي آهي.بيان موجب ڪالهه رات بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين رات جي پيڪ اوقات ۾ هڪ ڪلاڪ کان وٺي 2 ڪلاڪن تائين لوڊ مينجمينٽ ڪئي. پن بجلي جي پيداوار ۾ اضافي جي بدولت بجلي جي وڌيڪ ڊيمانڊ جي باوجود لوڊ مينجمينٽ 2 ڪلاڪ کان وڌيڪ نه ٿي آهي. ملڪ ۾ ُڌيڪ نقصانن وارن فيڊرز تي اڪنامڪ لوڊ مينجيمنٽ پاليسي جي تحت ڪئي پئي وڃي.پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اڪنامڪ لوڊ مينجمينٽ جو پيڪ آورز ۾ لوڊ مينجيمنٽ سان ڪوبه تعلق نه آهي. ايل اين جي جي عالمي حالتن جي آڌار تي عدم دستيابي سان 5500 ميگاواٽ جي پاور پلانٽس مان بجلي پيدا نه ٿي رهي آهي. ايل اين جي جي دستيابي ۽ پاڻي جي اخراج ۾ اضافي سان رات جي وقت جو شارٽ فال ختم ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو