بجلي، گيس جي سبسڊي کي بي آءِ ايس پي سان جوڙيو پيو وڃي

بجلي، گيس جي سبسڊي کي بي آءِ ايس پي سان جوڙيو پيو وڃي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ بجلي ۽ گيس جي سبسڊي کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان جوڙيو پيو وڃي.عالمي بينڪ ڏکڻ ايشيا ۾ ترقي جي موضوع تي رپورٽ جاري ڪئي جنهن ۾ عالمي بينڪ پاڪستان ۾ ٽيڪس نظام ۾ بهتري ۽ ٽيڪس بيس وڌائڻ تي زور ڏنو جڏهن ته روينيو وڌائڻ لاءِ آلودگي جي حوصله شڪني جي به تجويز ڏني.عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ زمين اندر پاڻي تيزي سان گهٽ ٿي رهيو آهي. پاڪستان دنيا جي سڀني کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل آهي. ناقص آبپاشي نظام ۽ غير موثر زرعي طريقن سان پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي.رپورٽ موجب پنجاب ۾ جديد آبپاشي منصوبي سان 57 سيڪڙو پاڻي جي بچت ٿي جڏهن ته جديد زرعي منصوبن سان فصلن جي پيداوار ۾ 14 کان 31 سيڪڙو اضافو ٿيو.عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ بجلي ۽ گيس جي سبسڊي کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان جوڙيو پيو وڃي. سبسڊي اصلاحات سان غلط ورهاست، مالي نقصان، سرڪلر ڊيٽ ۾ گهٽتائي ايندي، پيٽروليم شين تي ڏنل سبسڊي کي سماجي تحفظ جي پروگرامن تي خرچ ڪري سگهجي ٿو.عالمي بينڪ موجب ٻوڏ سبب متاثر ننڍي ڪاروبارن جي لاءِ ڪلائمٽ رسڪ فيسلٽي قائم ڪئي پئي وڃي. بي آءِ ايس پي کي ڊيجيٽل نظام جي ذريعي وڌيڪ موثر بنايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو