بالغ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پسند جي شادي ڪري سگهن ٿا: ڪورٽ

بالغ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پسند جي شادي ڪري سگهن ٿا: ڪورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پسند جي شادي ڪندڙ 3 جوڙن جي ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي،فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بالغ ڇوڪرو يا ڇوڪري پنهنجي مرضي مطابق شادي ڪري سگهي ٿو، والدين ان مسئلي تي ٻارن کي ايذاءُ ۽ تشدد نٿا ڪري سگهن،عدالت پوليس ۽ انتظاميا کي حڪم ڏنو آهي ته پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڇوڪريءَ جي عمر بابت ڌرين ۾ تڪرار هجي ته ان کي لاڳاپيل عدالت ۾ حل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو