بااثر جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

بااثر جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ن س) ٽنڊو محمد خان شھر جي ٽالپر ٽائون جي رھواسين مردن ؛عورتن ۽ ٻارڙن مسمات صدوري سھتو ؛ مسمات حضوران ؛ مجيب سھتو ؛ فراز سھتو ۽ مجتبي سھتو ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاھرو ڪندي سھتا برادري جي بااثرن رفيق سھتو سندس گھر واري آمنه سھتو ڌئي شائسته ؛ سھيل سھتو ؛ احمد ۽ حميد سومرو خلاف صحافين آڏو ڌانھيندي چيو آھي ته مذڪورا بااثرن پاران اسان خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪرايو آھي اسانجو جو ڏوھ صرف اھو آھي ته اسان ھنن کي پنھنجي گھٽي ۽ گھر سامھون ھنن وٽ جيڪي ڏوھاري قسم جا ماڻھو اچن ٿا انھن کي اچڻ تان منع ڪئي جنھن تان ھو اسانجا دشمن بڻجي ويا آھن ۽ ھاڻي اسان کي جان کان مارڻ ۽ مختلف ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ھنن چيو ته اسان اھڙي درخواست ايس ايس پي آفيس ۾ پڻ جمع ڪرائي آھي پر پوليس اڃان تائين سندن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آھي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان غريب مسڪين آھيون اعلي اختيارن کان مطالبو ٿاڪريون ته مذڪوره بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو