سلطانپور (ن س)سلطانپور لڳ يوسي ملاعلي جي جي ڳوٺ روجو مهيسر جو گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول اندر بااثرن پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو معصوم ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ لڳا استادن ۽ شاگردن جو احتجاج تفصيل موجب سلطانپور لڳ يوسي ملاعلي جي ڳوٺ روجو جي گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول روجو مهيسر ۾ بااثرن پاران هٿرادو پاڻي جو ڇوڙ ٻار پٽ تي ويٺل شاگردن ۽ استادن جو احتجاج، بااثرن هٿرادو پاڻي ڇوڙ ڪري اسان جي تعليم تباھ ڪري رهيا آهن هن بالا آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد اسڪول مان پاڻي نيڪال ڪرائي ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي وئي مسلسل پوندڙ برساتن سبب اسڪول جي حالت تباھ ڪري ڇڏي اسڪول جي ڇت ڪمزور ٿي وڃڻ ڪري برسات جو پاڻي ڇت کان اندر پوڻ لڳو اسڪول جي ڪمرن جي ڇت ۾ چئن ئي پاسن کان ڏار پئجي ويا ٻارڙن جي زندگي کي خطرو آهي اسڪول جي استادن ۽ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ خوف جي لھر انتظاميه نوٽيس نه ورتو اسڪول گذريل ڪيتري ئي عرصي کان لاڳاپيل انتظاميه جي بي حسي جو شڪار بڻجي تيزي سان تباھي طرف وڌڻ لڳو آھي گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسڪول جي عمارتن جي مرمت نه ٿي سگهي ۽ اسڪول جو بائونڊري وال ٽن سائيدن کان ڪري پيو آهي بلڊنگ به ڪمزور ٿي وئي آهي ڪنهن وقت به ڪري سگهي ٿو جنهن ڪري جاني نقصان جو پڻ خدشو آهي ڳوٺاڻن فقير ممتاز مهيسر، جهانگير مهيسر ۽ اتان جي استادن دانهيو ته هن زبون حال عمارتن ۾ هڪ طرف استاد پريشان آھن ته ٻئي پاسي هٿرادو پاڻي ڇوڙ ڪري تعليم تدرسي عمل کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سوين شاگردن جون حياتيون داءُ تي لڳل آھن ڪيترائي ڀيرا اسڪول جي زبون حالي جو اسڪول جي وزٽ تي ايندڙ بالا آفيسرن کي پڻ شڪايتون ڪيون آھن پر اسان جي دانھن طرف ڪير به توجه نه پيو ڏئي ھنن تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن وزير تعليم سيد سردار شاھ ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي نيڪال ڪرائڻ سان گڏوگڏ تُرت اسڪول کي نئين عمارت ڏئي استادن ۽ شاگردن مان خوف جي لھر ختم ڪئي وڃي۔










