بئنڪون اڄ عوامي ٽرانزيڪشن لاءِ بند رهنديون: اسٽيٽ بينڪ

بئنڪون اڄ عوامي ٽرانزيڪشن لاءِ بند رهنديون: اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سڄي ملڪ ۾ بئنڪون اڄ عوامي ٽرانزيڪشن لاءِ بند رهنديون.جيئن ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران نئين سال جي موقعي تي سومر 2 جنوري 2023 تي اعلان ڪيو ويو آهي، سڀئي بئنڪ عوام کي خدمتون فراهم نه ڪندا ۽ ٽرانزيڪشن لاءِ بند رهندا.اسٽيٽ بئنڪ جي اعلان موجب 2 جنوري تي سمورا بئنڪ، ترقياتي مالي ادارا، مائيڪرو فنانس بئنڪ بند رهندا.بئنڪن، ڊولپمينٽ مالياتي ادارن، مائيڪرو فنانس بئنڪن جا ملازم معمول مطابق آفيسن ۾ ايندا.

پهنجو تبصرو موڪليو