نثار پنهور جي گم ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

نثار پنهور جي گم ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سچل علائقي مان گم ٿيل اڳوڻي ايم اين اي نثار پنهور جي بازيابي بابت درخواست تي گم ٿيل شخص جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سچل علائقي مان گم ٿيل اڳوڻي ايم اين اي نثار پنهور جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سچل جو ايس ڊي پي او ۽ ايس ايڇ او عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ موقف اختيار ڪيو ته گم ٿيل شهري جي ڳولا جاري آهي.درخواستگذار چيو آهي ته نثار پهلوان تقريبن 2 مهينن کان گم آهي، پوليس کي سندس پيءُ کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جيڪڏهن هو ڪنهن به ڪيس ۾ گهربل آهي ته کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.نثار پنهور جي بازيابي نه ٿيڻ تي عدالت پوليس تي ڪاوڙجي پئي ۽ عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻئي آفيسر گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ رپورٽ جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.عدالت پوليس کي نثار پنهور جي گمشدگي جو ڪيس درج ڪرڻ ۽ سچل پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او کي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت 18 نومبر تي پوليس کان ايف آءِ آر جي ڪاپي پڻ طلب ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو