اکين جي نور کان محروم موذن کان دوکي سان موبائل وٺي فرار

اکين جي نور کان محروم موذن کان دوکي سان موبائل وٺي فرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر جي بلاڪ ون ۾ اکين جي نور کان محروم موذن کان جوابدار موبائل فون دوکي سان وٺي فرارٿي ويو علائقي جي پوليس مطابق جوابدار آن لائن ايپ سان موذن جا 35 هزار رپيا ڪڍرائي ورتا پوليس ٻڌايو ته متاٿر موذنگلستان جوهر ٿاڻي ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي متاثر موذن واقعو تفصيلي ٻڌايئندي چيو ته 2 ڏينهن اڳ عصر وقت هڪ شخص مون وٽ آيو مون کي هن شخص چيو ته پنهنجو موبائيل فون ڏيو مان اوهان جي نعت رڪارڊ ڪندس متاثر موذن ٻڌايو ته ڄاڻايل اڻڄاتل شخص منهنجو هڪ لک 60 هزار جو موبائيل فون کڻي فرار ٿي ويو موذن اهو به ٻڌايو ته جوابدار منهنجي موبائيل فون ۾ موجود اڪائونٽ جي ايپ مان 35 هزار رپيا ڪڍرائي ڇڏيا آهن وڊيو ۾ جوابدار کي مسجد ۾ ايندي ۽ موذن کان نعت ٻڌندي ۽ پوءِ موبائيل وٺي مسجد مان ٻاهر نڪرندي ۽ موٽر سائيڪل تي سوار ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو