اڄ ڪراچي جي گرمي پد ۾ اضافي جو امڪان

اڄ ڪراچي جي گرمي پد ۾ اضافي جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي پاران اڄ ڪراچي جي گرمي پد ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب اڄ شهر جي گرمي پد ۾ هڪ کان ٻه ڊگريون اضافو متوقع آهي. موسميات کاتي ٻڌايو ته شهر جو گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ نمي جو تناسب (مقدار) وڌيڪ رهندو، جنهن ڪري گرمي جي شدت 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي ويندي. موسميات کاتي موجب سڄو ڏينهن گرم ۽ گهٽ واري موسم سان گڏ ڪٿي ڪٿي هلڪي ڦڙڦڙ (بوندا باري) جو امڪان آهي. ان کان علاوه ڏکڻ-اولهه کان هوائون 19 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن، جڏهن ته شهر ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 74 سيڪڙو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو