اڄ کان 3 جولاءِ تائين وقفي سان مون سون برساتن جي اڳڪٿي

اڄ کان 3 جولاءِ تائين وقفي سان مون سون برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين ڊي ايم اي اڄ کان ٽين جولاءِ تائين وقفي وقفي سان پري مونسون برساتن جي پيشگوئي ڪري ڇڏي آهي.اين ڊي ايم اي موجب، شديد گرمي ۽ متوقع پري مونسون برساتن جي ڪري اترين علائقن ۾ گليشيئرز جي تيزي سان پگهرجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ دريائن ۽ ندي نالن ۾ پاڻي جي سطح اڻتري تيزي سان بلند ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته گليشيائي ڍنڍون ڦٽڻ، اڻتري سيلاب (فليش فلڊ) ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو پڻ خطرو موجود آهي. هنزيٰ، نگر، غذر، اسڪردو، شگر، گانڇي، کھرمنگ، استور، ديامر، اپر توڙي لوئر چترال ۽ سوات سميت حساس علائقن جي رهواسين، سياحن ۽ مسافرن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته دريائن، ندي نالن، گليشيائي ڍنڍن ۽ درياءَ جي ڪنارن ويجهو غير ضروري اچ وڃ کان پاسو ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪنهن به غير معمولي صورتحال جي فوري اطلاع لاڳاپيل انتظاميه کي ڏني وڃي.صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيز کي پڻ ممڪنه هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو