سڄي اسلامي دنيا ايران جي حمايت ۾ متحد آهي:ولي عهد

سڄي اسلامي دنيا ايران جي حمايت ۾ متحد آهي:ولي عهد

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ايراني صدر مسعود پيشمرگا ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. عرب ميڊيا موجب، ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾، سعودي ولي عهد ايراني صدر تي زور ڏنو ته تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال نه ڪيو وڃي. ولي عهد محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب ايران جي خودمختياري ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي مذمت ڪري ٿو، هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي حڪومت ايران سان تڪرار وڌائڻ چاهي ٿي ته جيئن آمريڪا جنگ ۾ شامل ٿئي. هن چيو ته اڄ سڄي اسلامي دنيا ايران جي حمايت ۾ متحد آهي، ۽ اسان کي يقين آهي ته ايران دانشمندي سان قدم کڻندو. ان موقعي تي ايراني صدر مسعود پيشڪشيان چيو ته اسرائيل امن جي مقصد کي ناڪام بڻائيندو رهيو جڏهن ته اهو ان کي حاصل ڪرڻ جي ويجهو هو. سعودي عرب ۽ ايران گڏجي خطي کي پرامن بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو