اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن جا اڳواڻ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اپوزيشن سياسي مفادن لاءِ عوام کي قومي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ جي غلطي ڪري رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي ادارا ملڪي بقا ۽ سلامتي لاءِ بُنيادي حيثيت رکن ٿا، عمران خان اپوزيشن آڏو نه پهرين جهڪيو آهي ۽ نه ئي هاڻي جهڪندو. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم دشمنن جي ايجنڊا تي هلي رهي آهي، ملڪي ادارا هر شهري لاءِ احترام لائق آهن ۽ ادارن جي مضبوطي سان ئي ملڪي استحڪام سلهاڙيل آهي، ادارن کي ڪمزور ڪندڙ ڌُريون ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهيون آهن، ادارن مٿان بنا جواز الزام لڳائيندڙن کي عوام ڪڏهن به معاف نه ڪندو.










