يروشلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي پارليامينٽ (ڪنيسٽ) پارليامينٽ کي ٽوڙڻ لاءِ مخالف ڌر جي بل کي رد ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪنيسٽ جي 120 ميمبرن مان 61 ميمبرن بل جي خلاف ووٽ ڏنو، جڏهن ته 53 حق ۾ ووٽ ڏنا.مخالف ڌر بل کي ان اميد سان پيش ڪيو هو ته اهو يهودين لاءِ لازمي فوجي سروس جي تڪراري مسئلي تي نيتن ياهو حڪومت جي اتحادي پارٽين جي عدم اطمينان جو فائدو وٺندو ۽ جلد چونڊن لاءِ رستو هموار ڪندو.هي ووٽ جلد چونڊن جي امڪان ۾ پهريون قدم هو، جنهن جو اظهار هن امڪان جي طور تي ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته وزيراعظم بنجمن نتن ياهو کي شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نتن ياهو جي اڳواڻي ۾ سرڪاري اتحاد بل جي خلاف ووٽ ڏئي ۽ مخالف ڌر جي حڪمت عملي کي روڪي هن ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.










