اپر ڪوهستان: شڪ جي بنياد تي 22 سالن جي عورت سميت 2 ڄڻا قتل

اپر ڪوهستان: شڪ جي بنياد تي 22 سالن جي عورت سميت 2 ڄڻا قتل

اپر ڪوهستان (ويب ڊيسڪ) ضلعي اپر ڪوهستان جي صدر مقام داسو ۾ شڪ جي بنياد تي 22 سالن جي عورت سميت 2 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، مقتولن ۾ هڪ پوليس اهلڪار پڻ شامل آهي. پوليس ٻڌايو ته مقتوله جي گهر وارن کي شڪ هو ته عورت ۽ پوليس اهلڪار جي وچ ۾ لاڳاپا هئا. مبينا طور تي مقتوله جي مڙس، پيءُ ۽ ڀاءُ سميت 7 ڄڻن عورت کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، جڏهن ته پوليس اهلڪار کي ڌوڪي سان گهرائي مٿس تشدد ڪرڻ کانپوءِ تکي اوزار سان قتل ڪيو ويو. پوليس مطابق، مقتل پوليس اهلڪار جي ڪجهه ڏينهن اڳ ئي شادي ٿي هئي. مقتول جي وارثن پاران ڪيس جي پيروي نه ڪرڻ تي پوليس جي فرياد تي 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو