ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي مطابق، اپريل ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 12 ملين ڊالر جو سرپلس هو.اسٽيٽ بينڪ چيو ته اپريل ۾ ملڪي برآمدات 2.61 بلين ڊالر ۽ درآمدات 5.23 بلين ڊالر هيون، جڏهن ته واپاري خسارو 2.62 بلين ڊالر هو.اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، جولاءِ کان اپريل تائين ملڪي برآمدات 27.27 بلين ڊالر ۽ درآمدات 48.61 بلين ڊالر هيون، جڏهن ته اپريل ۾ مزدورن جون موڪليل رقمون 3.18 بلين ڊالر هيون.مرڪزي بينڪ موجب، مالي سال جي پهرين 10 مهينن لاءِ واپاري خسارو 21.34 بلين ڊالر هو، واپار، خدمتن ۽ آمدني ۾ خسارو 30.96 بلين ڊالر هو، ۽ 10 مهينن ۾ مزدورن جون موڪليل رقمون 31.21 بلين ڊالر هيون.










