اٽي جي چڪي تان 50 هزار ڦر، واپارين جو احتجاج

اٽي جي چڪي تان 50 هزار ڦر، واپارين جو احتجاج

ميهڙ(غلام حسين پنھور) وي آء پي ڪالوني ۾ 3 نامعلوم هٿاربندن محمد خان گانگهرو جي اٽي جي چڪي مان هٿيارن جي زور تي منشي قربان علي گانگهرو ۽ مزدورن کي يرغمال بڻائي پنجاه هزار 3 سئو روپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اٽي جي چڪي مالڪ محمد خان گانگهرو منشي قربان علي گانگهرو شهري اتحاد جي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو اناج منڊي جي اڳواڻ گلشير سوڍر زبير سمون جاويد منگي ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ميهڙ ۾ روز ڦرون ۽ چوريون وڌي رهيون آهن پوليس ڪابه چوري موٽائي ناهي ۽ پوليس ڏوهارين سان مليل آهي.هنن چيو ته چور نه پڪڙيا ته ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو