اٽو مهانگو، مارڪيٽ جي نگراني لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو

اٽو مهانگو، مارڪيٽ جي نگراني لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار براءِ خوراڪ عبدالجبار خان جي صدارت ۾ خوراڪ کاتي ڪراچي ڊويزن جو اعليٰ سطحي اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنھن ۾ ڊائريڪٽر فوڊ سنڌ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ڊويزن جا لاڳاپيل آفيسر شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ گندم جي موجوده ذخيرن، صوبي جي طلب ۽ رسد، نئين رليز پاليسي ۽ فلور ملز تائين بروقت فراهمي بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي ڊويزن سميت سموري سنڌ ۾ گندم جا ذخيرا اطمينان بخش آهن ۽ عوام کي ضرورت مطابق فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.عبدالجبار خان چيو ته عوام کي سستو ۽ معياري اٽو فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پھرين ترجيح آهي. ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعن خلاف زيُرو ٽالرينس پاليسي اختيار ڪئي ويندي. فلور ملز کي شفافيت سان ۽ وقت سر گندم فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ سيل کي وڌيڪ فعال بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته مارڪيٽ جي سخت نگراني لاءِ هڪ خاص ٽاسڪ فورس فوري طور تي جوڙي ويندي.خاص مددگار چيو ته اهي سڀئي قدم چئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي وژن ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي هدايتن مطابق آهن، جن واضح چيو آهي ته عوامي رليف ۽ خوراڪ جي شين جي فراهمي حڪومت سنڌ جي سڀ کان وڏي ترجيح آهي.اجلاس ۾ فيصلا ڪيا ويا ته روزاني بنياد تي اٽي ۽ گندم جي قيمتن جي رپورٽ تيار ڪئي ويندي، فلور ملز جي سخت نگراني لاءِ خاص ٽيمون تشڪيل ڏنيون وينديون، بين الصوبائي ترسيل تي ڪڙي نگراني ڪئي ويندي، جڏهن ته ايندڙ فصل لاءِ هارين کي سهولتون ۽ سبسڊي اسڪيم به غور هيٺ آهي.عبدالجبار خان وڌيڪ ٻڌايو ته ايندڙ هفتي کان پاڻ ذاتي طور تي سڀني گودامن جو دورو ڪندا ۽ معيار ۽ مقدار کي پاڻ چيڪ ڪندا، جيئن ڪنهن به قسم جي کوٽ يا بي ضابطگيءَ جي گنجائش نه رهي. هن هدايت ڪئي ته غيرقانوني ذخيره اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن کي به عوامي رليف ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.عبدالجبار خان عزم ظاهر ڪيو ته سنڌ حڪومت بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي منشور موجب صوبائي وسيلن کي استعمال ڪندي عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي قيادت ۾ تيار ڪيل جامع حڪمت عملي سان نه رڳو اٽي جون قيمتون مستحڪم رکبيون، پر هارين کي بهتر سهولتون ڏئي ايندڙ فصل ۾ گندم جي پيداوار ۾ به نمايان واڌ ممڪن بڻائي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو