ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): لائيوسٽاڪ کاتي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي آگاهه ڪيو آهي ته طبي علاج کانپوءِ ٿرپارڪر ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل اٺڻي جي حالت سڌري وئي آهي ۽ اٺڻي هاڻي ڪنهن خاص ڏکيائي کان سواءِ بيهڻ، هلڻ، کائڻ ۽ پيئڻ جي قابل آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعلقي ڇاڇري ضلعي ٿرپارڪر ۾ اٺڻي تي وحشياڻي تشدد جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ لائيوسٽاڪ اينڊ فشرڊ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته جانور کي دستياب بهترين ويٽرنري علاج فراهم ڪيو وڃي ۽ ان جي مڪمل صحتيابي تائين 24 ڪلاڪ نگراني کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير کي لائيوسٽاڪ اينڊ فشرڊ جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي پاران پيش ڪيل هڪ تفصيلي واقعي جي رپورٽ ذريعي 13 سالن جي اٺ جي حالت بابت بريفنگ ڏني وئي جيڪو سخت جسماني زخمن جو شڪار ٿيو هو ۽ ان جي ساڄي اک جو ڊيلو مڪمل طور تي ڦاٽي پيو هو. واقعي تي گهري تشويش جو اظهار ڪندي مراد علي شاهه چيو ته جانورن تي ظلم هڪ قابلِ مذمت عمل آهي ۽ ان کي هڪ مهذب معاشري ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته هن معصوم جانور تي ڪيل تشدد انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. اهڙي بربريت جي ذميوارن جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي ۽ انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر حليم جاڳيراڻي پنهنجي رپورٽ ۾ وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته هن اٺڻي جي حالت جو جائزو وٺڻ لاءِ ذاتي طور تي ڳوٺ جو دورو ڪيو آهي جنهن ۾ ڪافي بهتري آئي آهي. ايس ايس پي ٿرپارڪر جناب عارف عزيز وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته پوليس کينسر ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف اينمل هسبنڊري سنڌ جي تيار ڪيل رپورٽ موجب، هڪ ويٽرنري ٽيم 9 جون تي تعلقي ڇاڇري جي يونين ڪائونسل چارنهور جي متاثر ڳوٺ جو دورو ڪيو ۽ زخمي اٺ جو تفصيلي ڪلينڪل معائنو ڪيو. معائني مان معلوم ٿيو ته اٺ جي ساڄي اک جو ڊيلو مڪمل طور تي ڦاٽي چڪو هو ۽ ان کي ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ وارو نقصان پهتو هو. کاٻي اک دٻاءُ سبب ٿيندڙ سوڄ جي ڪري سخت سڄيل هئي جڏهن ته جسم جي مختلف حصن تي ڪيترائي زخم ۽ نير جا نشان ڏٺا ويا جيڪي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته مبينا طور تي ڪاٺ جي ڏنڊن يا ٻين اوزارن سان جسماني تشدد ڪيو ويو هو. جانور سخت ڪمزوري، ٿڪ ۽ ڏٻرائي جو شڪار پڻ مليو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالڪ جي بيان موجب اٺ کي مبينا طور تي 25 مئي تي هڪ پاڙيسري شخص پڪڙي پنهنجي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو جتي ان کي سخت جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويو. مالڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ جانور کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر جوابدارن پاران مبينا طور تي ڏنل دھمڪين ۽ دٻاءُ سبب معاملي جي رپورٽ ڪرڻ ۾ دير ڪيائين. مراد علي شاهه لائيوسٽاڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته هو سموري ضروري طبي گهرج جي فراهمي جاري رکي ۽ جانور جي حالت بابت باقاعدگي سان اپڊيٽس جمع ڪرائي. هن واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪئي ويندڙ ڪارروائي تي به رپورٽ طلب ڪئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جانورن جي فلاح و بهبود لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته جانور کي بچائڻ ۽ جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ويٽرنري ٽيم فوري طور تي علاج شروع ڪري ڏنو جنهن ۾ زخمن جي صفائي ۽ پٽي ڪرڻ، وسيع اثر (براڊ اسپيڪٽرم) اينٽي بائيٽڪس جو استعمال، سور جي انتظام جون دوائون، رڳ ذريعي فلوئڊ ٿراپي (ڊرپ لڳائڻ)، ۽ ملٽي وٽامنز ۽ ٻين مددگار دوائن ذريعي غذائي مدد شامل آهي. لائيوسٽاڪ جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي وڏي وزير کي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته مسلسل نگراني لاءِ ويٽرنري سرجنز، ويٽرنري آفيسرن ۽ لائيوسٽاڪ جي عملي تي ٻڌل هڪ خاص ويٽرنري ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته اٺ جي صحتيابي جو اندازو لڳائڻ لاءِ روزاني فالو اپ معائنا ڪيا پيا وڃن. تازي طبي تشخيص موجب اٺ جي حالت سڌري وئي آهي ۽ هو هاڻي ڪنهن خاص ڏکيائي کان سواءِ بيهڻ، هلڻ, کائڻ ۽ پيئڻ جي قابل آهي. تنهن هوندي به ساڄي اک جي نظر جو مستقل نقصان تصديق ٿي چڪو آهي جڏهن ته کاٻي اک لاءِ اڳڪٿي ان وقت تائين محتاط رهندي جيستائين سوڄ گهٽجي نه ٿي وڃي ۽ وڌيڪ ڪلينڪل تشخيص مڪمل نه ٿي ٿئي. وڏي وزير لائيوسٽاڪ اينڊ فشرڊ کاتي جي فوري ردعمل کي ساراهيو ۽ سيڪريٽري ڪاظم جتوئي کي هدايت ڪئي ته هو جانور جي علاج ۽ بحالي لاءِ گهربل سمورن وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻائي.










